ڪراچي مان دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ جيل سپرينٽينڊنٽ جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هدايت ڪئي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي هدايت کان پوءِ واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو. وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته هو ڪراچي مان دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. هوڏانهن آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي واقعي بابت بريفنگ ۾ چيو آهي ته شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آهي. پوليس اختيارين وڏي وزير کي بريفنگ ڏني ته اعجاز حيدر سان ٽي عورتون گڏ هيون جن مان هڪ زخمي ٿي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته  زخمي عورت اعجاز حيدر جي گهرواري ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *