ڪراچي مان اغوا ڪيل شاگردياڻي دعا منگي جو هن وقت تائين پتو نه پيو، احتجاج جو سلسلو جاري، وڪيل برادري به شامل

ڪراچي(اين اين آءِ/نمائندن وٽان) ڪراچي مان اغوا ڪيل شاگردياڻي دعا منگي جو هن وقت تائين پتو نه پيو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دعا منگي جي بازيابي لاءِ مظاهرا جاري آهن، ڪراچي پريس ڪلب آڏو دعا منگي جي بازيابي لاءِ وڪيلن ۽ ٻين ڌرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو پيو وڃي، ايس ايم لا ڪاليج منگي اتحاد طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري آهي، دعا منگي جي سئوٽ ڪينجهر سنڌو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪافي ڏينهن گذري چڪا آهن، هن وقت تائين دعا منگي جو پتو ناهي پئجي سگهيو، پوليس سنڌ حڪومت ۽ ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن، حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد دعا منگي کي بازياب ڪرايو وڃي. خيرپور ۾ دعا منگي جي بازيابي لاءِ جسقم طرفان جادو شاهه موڙ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،ميهڙ ۾ ناليواري ليکڪ اعجاز منگي جي ڀاڻيجي دعا منگي جي بازيابي لاءِ قلمڪارن ۽ سڃاڻ ڌرين پاران احتجاج ڪيو ويو، دعا منگي جي اغوا ۽ سندس بازيابي لاءِ ميهڙ جي سڄاڻ ڌرين، صحافين ۽ قلمڪارن احتجاج ڪيو، گڏيل بيان ۾ دعا منگي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو. هنن چيو ته دعا منگي کي فورن بازيا ب ڪرائي سندس اغوا ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ دعا منگي جي بازيابي ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *