ڪراچي: فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا قتل، 2 ٽارگيٽ ڪلر به ماريا ويا، 2 گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته لياري ۾ رينجرز مقابلي بعد ٻن ٽارگيٽ ڪلرز کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب اورنگي ٽائون جي علائقي گلشن ضياءُ مان لاش هٿ آيو جنهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جڏهن ته مقتول جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. نارٿ ڪراچي ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 40 ورهين جو همراهه مارجي ويو. ٻئي طرف لياري ۾ رينجرز مقابلي دوران 31 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث حفيظ ۽ حمزه عرف امريڪن مارجي ويا. ذريعن موجب موسيٰ لين واري علائقي ۾ رينجرز گشت ڪري رهي هئي ته گينگ وار جي جوابدارن مٿن حملو ڪيو، جنهن دوران رينجرز جي فائرنگ ۾ گينگ وار جا 2 جوابدار مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ حفيظ ۽ حمزه حسن عرف حمزه امريڪن طور ٿي آهي. مارجي ويل ٻنهي جوابدارن جو تعلق لياري گينگ وار جي شيراز ڪامريڊ گروپ سان هو. رينجرز دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل ٻئي جوابدار خطرناڪ ڏوهاري هئا، جيڪي 31 قتل ڪيسن ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. هوڏانهن شاهراهه نورجهان وٽ شهرين کان ڦرلٽ ڪندڙ هڪ ڏوهاري کي پوليس مقابلي دوران گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *