ڪراچي شهر ۾ 5.7 ارب رپين جي لاڳت سان 10 ميگا ترقياتي منصوبا مڪمل ۽ 10 تي ڪم جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت 5.78 ارب رپين جي لاڳت سان 20 ميگا منصوبا شروع ڪيا جن مان 10 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته باقي 10 منصوبن تي 1.78 ارب رپيا لاڳت ايندي جنهن کي مالي سال جي آخر تائين ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته آئون ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي کي بيل آئوٽ پيڪيج ڏئي مضبوط ڪرڻ چاهيان ٿا ته جيئن وڌيڪ توانائي ۽ وسيلن وارا منصوبا شروع ڪري سگهجن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ميگا منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير سيد سيد ناصر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، پروجيڪٽ مئنيجر ڪراچي پيڪيج خالد مسرور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن ضلع اولهه ۾ فلائي اوور ۽ انڊر پاسن جي تعمير لاءِ پاڻي جي فراهمي لاءِ 5.78 ارب رپيا مختص ڪيا آهن ته جيئن ٽريفڪ جي رواني کي آسان بڻائڻ ۽ برسات جي نالن جي نئين سِر تعمير ۽ پاڻي جون نيون لائينون وڇائڻ لاءِ اسڪيمون شروع ڪري سگهجن. هن چيو ته آئون اڄ خوش آهيان ته 20 وڏين اسڪيمن مان 10 مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ باقي 10 وڏيون اسڪيمون ايندڙ مالي سال ۾ شروع ڪيون وينديون. مڪمل ڪيل منصوبن ۾ 2.2 ارب رپين جي لاڳت سان سب ميرين چورنگي تي انڊر پاس ۽ ان جي ڀرپاسي جي روڊن جي تعمير شامل آهن. هن وزير بلديات سيد ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هوءَ انڊر پاس کي خوبصورت بڻائي ۽ خليق الزمان روڊ کان سن سيٽ بليووارڊ ڏانهن ويندڙ روڊ کي بلڊوز لڳائي کوليو وڃي جتي هڪ عمارت تعمير آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن عمارت جي راهواسين/ دڪاندارن کي معاوضي لاءِ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ٻين منصوبن ۾ 391.934 ملين رپئي جي لاڳت سان ڪراچي زو جي بحالي ۽ سڌارو آڻڻ، 574.175 ملين رپين جي لاڳت سان ٽنڪ چورنگي کان سپر هاءِ وي تائين ٿڌو ڊيم رستي تي روڊ جي تعمير، 1.8 ارب رپين جون ٽي اسڪيمون جنهن ۾ ٽيپو سلطان چوڪ تي فلائي اوور جي تعمير، حيدر علي روڊ چوڪ تي انڊر پاس جي تعمير ۽ طارق روڊ چوڪ تي انڊر پاس جي تعمير شامل آهي. 693.505 ملين رپئي جي لاڳت سان اسٽيڊيم روڊ جي نئين سِر تعمير، 708.096 ملين رپئي جي لاڳت سان لي مارڪيٽ جي ڀرپاسي وارن علائقن جي روڊن جي بحالي، 125.356 ملين جي لاڳت سان ٽن روڊن جي تعمير جنهن ۾ 12000 روڊ لانڍي، ڪورنگي نمبر 1/2-2 تي پل جي تعمير ۽ ڪورنگي نمبر 5 تي پل جي تعمير ۽ اورنگي نالي تي پل جي ويڪر شامل آهن. 399.580 ملين رپين جي لاڳت سان بلديه کي پاڻي جي فراهمي لاءِ حبيب بينڪ کان پمپ نمبر 3 تائين 24 انچ ڊائي پائيپ لائين وڇائڻ شامل آهن.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جن منصوبن تي تعميراتي ڪم هلندڙ آهن انهن ۾ 198.806 ملين رپين جي لاڳت سان اسٽار گيٽ کان چاڪيواڙا نالي تائين اسٽور واٽر ڊرين جي تعمير جنهن تي 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي، 1.48 ارب رپين جي لاڳت سان ڄام صادق پل کان دائود چورنگي تائين 8000 روڊ جي ٻيهر تعمير جن تي 98 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي، 171.56 رپين جي لاڳت سان ايم ٽي خان روڊ کان پنجاب چورنگي تائين ٽريفڪ سنگنلن، بورڊن ۽ مائ ڪولاچي روڊ جي خوبصورتي لاءِ شروع ڪيل ڪم شامل آهن. ساڳي ريت ڪجهه ٻيون اسڪيمون آهن جن تي ڪم هلندڙ آهي. سنڌ جي وڏي وزير مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته جاري اسڪيمن جي اڳڀرائي لاءِ ذاتي طور نگراني ڪري ۽ سندس رپورٽ ڪئي وڃي. مراد علي شاهه اهو پڻ چيو ته هو ڪي ڊي اي کي مالي طور تي مضبوط ڪرڻ لاءِ بيل آئوٽ پيڪيج ڏيندو. هن وزير بلديات ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري ۽ ڪي ڊي اي کي هڪ مضبوط ادارو بڻائي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *