ڪراچي شهر ۾ ترقياتي ڪمن سان ٽريفڪ جي رواني جا مسئلا حل ٿي ويندا: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهر ۾ ترقياتي ڪمن سان ٽريفڪ جي رواني جا مسئلا حل ٿي ويندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو. ڪراچي پيڪيج تحت هلندڙ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺندي وڏي وزير چيو ته گلٻائي روڊ جي تعمير سان نه صرف علائقي ۾ ٽرئفڪ جي رواني جا مسئلا حل ٿيندا پر انهيءَ سان سياحت ۽ تفريحي سرگرمين کي هٿي ملندي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گلٻائي کان وائي جنڪشن تائين 5.25 ڪلوميٽر ٻه ڪيريج وي جي نئين سِر تعمير 1.01 بلين رپين جي لاڳت سان ڇهن مهينن ۾ مڪمل ٿيندي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير کي هدايت ڪئي ته روڊ جي ٻنهي پاسن تي برسات جي پاڻي جو نيڪال لاءِ نالا تعمير ڪيا وڃن. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته روڊ جي تعمير کان اڳ علائقي جي گندي پاڻي کي نيڪالي جا مسئلا حل ٿين. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير حددخلين جي خاتمي لاءِ هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته سب ميرين چورنگي جي اڏاوت کانپوءِ خليق زمان روڊ کان پنجاب ڪالوني/سنسيٽ بليووارڊ ڏانهن ٽريفڪ جي رواني بند ٿي وئي آهي. مون اڳ ئي عمارت جي رهواسين لاءِ 100 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا ته پوءِ بلڊوز ٿي وڃڻ گهرجي ها جيڪي ٽريفڪ ۾ گاڏين جي وهڪري ۾ رڪاوٽ هئي پر هڪ سال کانپوءِ عمارت اڃا تائين مسمار نه ٿي. مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪجهه قانوني مسئلا هئا جيڪي هاڻي حل ٿي چڪا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 100 ملين روپين مان 30 ملين رپيا ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ کي معاوضي جي ادائيگي لاءِ جاري ڪيا ويا آهن ۽ باقي رقم بلڊنگ تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ڏني پئي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *