ڪراچي: سچل ۽ منگهو پير ۾ مقابلا، 2 ٽارگيٽ ڪلرز سميت 6 ڏوهاري مارجي ويا ، هڪ عورت قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۽ منگهو پير جي علائقن ۾ مقابلن دوران ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 6 ڏوهاري مارجي ويا، مومن آباد ۾ رڪشا تي فائرنگ ۾ عورت مارجيوئي. ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي وڏن پوليس اٽالن پهچي علائقي جو گهيرو ڪيو، علائقي ۾ موجود ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مبينا مقابلو ٿيو جنهن ۾ پوليس 4 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻئي طرف منگهو پير جي علائقي ۾ مبينا مقابلي ۾ 2 ٽارگيٽ ڪلرز مارجي ويا جن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. هوڏانهن مومن آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن رڪشا تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن ۾ هڪ عورت مارجي وئي، لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *