ڪراچي: سپر هاءِ وي لڳ 2 ٻوري بند لاش مليا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي جمالي پل وٽان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، پوليس مطابق کين اطلاع مليو ته جمالي پل وٽ ٻن ن جا لاش پيل آهن، جنهن کانپوءِ ڏسيل هنڌ تي پهچي لاش قبضي ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ هو ته ٻنهي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪري لاش ٻوري ۾ وجهي سپر هاءِ وي تي اڇلايا ويا هئا، لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي ، جڏهن ته ان سلسلي ۾ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *