ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 400 ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ 95 قيدي ڦاهي جا منتظر

ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ جي مختلف جيلن ۾ دهشتگري ايڪٽ تحت ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل قيدين کي ڦاهي ڏيڻ جون تياريون شر وع  ڪيون ويون آهن، سنڌ جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا ٻڌايل 520 قيدي ڦاهي جا منتظر آهن. پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين کي ڦاهي تي لٽڪائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ڦاهي گهاٽن جي به جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت سزا ٻڌايل قيدين کي ڦاهي تي لٽڪايو ويندو. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 400 کان وڌيڪ قيدي ڦاهي جا منتظر آهن، جن مان ڪيترن ئي قيدين جون رحم واريون اپيلون رد ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته حيدرآباد سينٽرل ۾ جيل جي 6 قيدين کي موت جي سزا ٻڌايل آهي. سکر سينٽرل جيل ۾ 95 قيدي ڦاهي جي انتظار ۾ آهن، جن مان 20 قيدي ڪراچي کان منتقل ڪيا ويا آهن. سکر سينٽرل  ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدين مان 7 جو واسطو لشڪر جهنگوي، سپاهه صحابه ۽ جندالله سان آهي، جڏهن ته ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل قيدي جلال الدين موروجا جا 13 ڀيرا بليڪ وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن. لاڙڪاڻي سينٽرل جيل ۾ 19 قيدين کي ڦاهي جي سزا آيل آهي، جڏهن ته 4قيدين جي رحم جي اپيل به رد ٿي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *