ڪراچي سينٽرل جيل ۾ پابندي پيل تنظيم جي ٻن ڪارڪنن کي ڦاهي ڏني وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ٻن دهشتگردن کي ڦاهي ڏني وئي، جوابدارن 2001ع ۾ ڊاڪٽر علي رضا پيراڻي کي قتل ڪيو هو. پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي دهشتگرد عطاءَ الله عرف قاسم ۽ محمد اعظم عرف شريف کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو. جوابدارن عطاءَ الله ۽ محمد اعظم 2001ع ۾ ڪراچي جي سولجر بازار واري علائقي ۾ گولي هڻي ڊاڪٽر علي رضا پيراڻي کي قتل ڪيو هو. ٻنهي جوابدارن کي 2002ع ۾ ڊفينس ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت کين 2004ع ۾ موت جي سزا ٻــُڌائي هئي. عطاءَ الله ۽ محمد اعطم جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان هو ۽ هنن فرقيوراڻي بنياد تي ڊاڪٽر کي قتل ڪيو هو. سينٽرل جيل ڪراچي تي حملي جي خدشي سبب ٻنهي دهشتگردن کي سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو هو جتان کين 31 جنوري تي هيليڪاپٽر ذريعي ڪراچي پهچايو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *