ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي، ڌار صوبي جي ڳالهه نه ڪئي وڃي: خورشيد شاهه

جيڪب آباد  (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي صوبي جي الڳ ٿيڻ جي ڳالهه نه ڪئي وڃي. ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سياستدانن کي برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي. ملڪ هن وقت نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي . پاڪستان جي خلاف وڏيون سازشون ۽ ان کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر اسان ٻڌائڻ ڇاهيون ٿا ته ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي ۽ ڌار صوبي جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن. هن چيو ته اسان هميشا جمهوريت ۽ پارليمينٽ جي ڳالهه ڪئي، اسانجي خواهش وزيراعظم بڻجن جي نه آهي پر پارليمينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي خواهش آهي. اسان عمران خان  کي روڊن تان کڻي پارليمينٽ ۾ پڪڙي آندو سي ۽ 8مهينن جون پگھارون به ڏياريون، جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي پارليميٽ ۾ واپس آڻڻ وارا به اسان ئي اهيون، پرويز مشرف ٻآهر ويهي گدڙ واريون ڀبڪيون هڻي رهيو آهي. جڏهن ته بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ مشرف کي پنهنجو قاتل قرار ڏئي چڪي هئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *