ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، شهرن ۾ چراغا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ان موقعي تي جلوس ۽ ريليون ڪيون ويون. صبح جي شروعات مسجدن ۾ قرآن خواني، اجتماعي دعائن ۽ درود سلام سان ٿي ۽ عالمن محفلن کي خطاب ڪيو. پاڪ فوج ڏينهن جي شروعاوفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21 – 21 توپن سان سلامي سان ڪئي. عيدميلاد النبي صهﷺ جي خوشي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ چراغان ڪيو ويو آهي. ملڪ جي هر شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ گهٽيءَ کي خانه ڪعبه ۽ گنبد خضرا جي هورڊنگز، بينرز ۽ ساون جهنڊن سان سجايو ويو آهي. سرڪاري توڙي خانگي عمارتن، شاهراهن ۽ مسجدن کي به ساون جهنڊن، بتين، بينرز ۽ اسڪرينن ذريعي سجايو ويو آهي. ڪراچي ۾ جشن عيدميلاد النبي ﷺ جي مرڪزي آجياڻي ڪئمپ نمائش چورنگي ايم اي جناح روڊ تي لڳائي وئي آهي. شهر جي مختلف هنڌن تي به ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڪراچي ۾ عيدميلاد النبي جو مرڪزي جلوس نيو ميمڻ مسجد بولٽن مارڪيٽ وٽان برآمد ٿيندو جيڪو ايم اي جناح روڊ کان ٿيندو نشترپارڪ پهچندو. جلوس ۾ شريڪ ٿيندڙ ٽيپهري ۽ سانجهيءَ جي نماز نشترپارڪ وٽ ادا ڪندا. عيدميلاد النبي جي مرڪزي جلوس ۾ خاص پاس وارين گاڏين کي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. 12 ربيع الاول جي جلوس ۽ جلسي جا حفاظتي انتظام رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کانسواءِ اسڪائوٽس به سنڀاليو. مرڪزي جلوس جي حفاظت لاءِ 5 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. جشن عيدميلاد النبي جي موقعي تي لاهور سميت سڄي پنجاب کي به خوبصورتي سان سجايو ويو آهي. مختلف شهرن ۾ جلوس ۽ ريليون ڪڍيون ويون.  جڏهن ته جلوسن جي سڪيورٽي به سخت ڪئي وئي هئي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ به جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ سرڪاري ۽ خانگي عمارتن سميت پارليامينٽ هائوس کي به ساون جهنڊن ۽ بتين سان سينگاريو ويو آهي. خيبر پختون خواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي آمد جو جشن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. ميلاد مصطفيٰ ﷺ جي سلسلي ۾ جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي. جشن عيدميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي فلسطين، ڪشمير، عراق، افغانستان،پشاور سانحي جي شهيدن جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني، فاتحه خواني، اسلامي دنيا ۽ پاڪستان جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ به خاص دعائون ڪيون پيون وڃن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *