ڪراچي: سماجي اڳواڻ سبين محمود قتل ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هٿياربندن هٿان سماجي اڳواڻ سبين محمود قتل ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ڪارروائين دوران پنجن دهشتگردن سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ابراهيم حيدري ويجهو هٿياربندن گهر اندر هڪ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي سڃاڻپ غلام عباس طور ٿي جيڪو اينٽي ڪرپشن پوليس ۾ ڊائيور طور ڪم ڪري رهيو هو ۽ هـُو سماجي اڳواڻ سبين محمود جو به ڊرائيور رهي چڪو هو. ذريعن موجب غلام عباس سبين محمود جي قتل جو اکين ڏٺو شاهد هو ۽ هن سڃاڻپ پريڊ دوران جوابدارن جي سڃاڻپ پڻ ڪئي هئي. ٻئي طرف نصرت ڀٽو ڪالوني ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رئوف نالي شخص مارجي ويو جڏهن ته شاهد ۽ جعفر زخمي ٿي پيا. هوڏانهن رضويا سوسائٽي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري پنجن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم آهي جن جي قبضي مان 3 آوان بم ۽ هٿيار به برآمد ڪيا ويا آهن. آرام باغ واري علائقي مان پوليس ٻن ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو جن وٽان ڦر ڪيل رقم ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو. ڊفينس فيز 6 ۾ به پوليس مقابلي بعد هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *