ڪراچي دنيا جي 60 محفوظ ترين شهرن جي فهرست ۾ شامل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عالمي رسالي ”دي اڪانومسٽ“ دنيا جي 60 محفوظ ترين شهرن جي لسٽ جاري ڪئي آهي. جنهن ۾ ڪراچي آخري نمبر تي آهي.جريدي جي انٽيلي جنس يونٽ  فهرست ۾ شامل 60 شهرن کي ڊجيٽل،هيلٿه انفراسٽرڪچر ۽ سيڪورٽي جي پيماني تي رکيو آهي، ٽيوڪيو 89.80 پوائنٽ سان دنيا جو محفوظ ترين شهر قرار ڏنو ويو آهي.سنگاپور 89.64 پوائنٽ سان ٻه نمبر ۽ اوساڪا 88.87 پوائنٽ سان گڏ 3 نمبر تي رهيو.لسٽ ۾ لنڊن 82.10 پوئنٽ سان 20 وين، نيويارڪ 81.01 پوائنٽ سان 21 نمبر تي، فرانسيسي شهر پيرس 79.71 پوائنٽ سان 25 نمبر ۽ امريڪي جي گادي وارو شهر واشنگٽن ڊي سي80.37 پوائنٽ سان گڏ 23 نمبر تي رهيو. محفوظ ترين شهرن جي فهرست ۾ ڀارت جي گادي وارو شهر نئين دهلي 62.37 پوائنٽ سان 43 وين نمبر تي ۽ ممبئي 61.84 پوئنٽ سان 45 نمبر تي رهيو. ان فهرست ۾ واحد پاڪستاني شهر ڪراچي هو جيڪو 38.38 پوائنٽ سان 60 نمبر تي رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *