ڪراچي جي واپاري ۽ شهرين جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو: ڊي جي رينجرز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي جي واپارين ۽ صنعتڪارن کي ڏنل ڌمڪي کانپوءِ رينجرز به متحرڪ ٿي وئي آهي. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واپارين ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي آهي. ان موقعي تي شهرين کي ڪنهن به شڪي سرگرمي جي اطلاع رينجرز هيلپ لائين 1101 تي ڏيڻ جو چيوويو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي جي رينجرز جو چوڻ هو ته واپارين ۽ شهرين جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته شهر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هلندڙ ٽارگيٽيڊ آپريشن بنا فرق جاري رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *