ڪراچي جي واپارين کي ڌمڪيون ڏيڻ سازش آهي، پيٽرول جي قيمت 8 5 رپيا في ليٽر ڪئي وڃي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت 8 5 رپيا في ليٽر ڪئي وڃي، حڪمران عوام کي ريليف ڏيڻ بدران واڌو سرچارج لڳائي رهيا آهن، سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن کڻي وڃي رهيو آهيان، ملڪ ۾ انصاف کي مذاق بنايو ويو آهي، ڪراچي جي واپاري برادري سان گڏ آهيون، درٻاري ناهيون نواز شريف پاڻ سوالن جو جواب ڏئي، سروي ڪرائي وٺو خيبر پختونخوا ۽ پنجاب پوليس ۾ فرق آهي. بني گالا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن شڪارپور سانحي ۽ ڪراچي ۾ واپارين کي ڌمڪين جي مذمت ڪندي چيو ته ڪراچي جي واپارين کي ڌمڪيون ڏيڻ سازش آهي، ان تي ايم ڪيو ايم جي مذمت ڪريان ٿو، اسان ڪراچي جي واپارين سان گڏ بيٺا آهيون. عمران خان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي ڪري عوام کي لُٽيو پيو وڃي، لهذا پيٽرول جي قيمت ۾ 0 2 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري 8 5 رپيا في ليٽر ڪئي وڃي. حڪمران عوام کي ريليف ڏيڻ بدران واڌو سرچارج لڳائي رهيا آهن. هن چيو ته سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن کڻي وڃي رهيو آهيان ته ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي مذاق بڻايو ويو آهي، ملڪ ۾ بادشاهت آهي يا جمهوريت. هن چيو ته شڪارپور سانحي سبب هاڻي گهڻي ڳالهه نه ڪندس. هن چيو ته درٻاري ناهيون پر نواز شريف پاڻ منهنجي سوالن جو جواب ڏئي، اهو ٻڌائي ته سندس ٻارن وٽ ايڏو پئسو ڪٿان آيو. سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي يا نه ان تي مشاورت جاري آهي. هن چيو ته خيبر پختونخوا ۽ پنجاب پوليس ۾ فرق واضح آهي، ان ڏس ۾ سروي ڪرايو وڃي ته ڪي پي ڪي جي پوليس غير سياسي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ جيستائين پوليس غير سياسي نه ٿيندي اُتي امن امان قائم نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *