ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ پرتشدد واقعن سبب 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قائدآباد جي علائقي مسلم آباد ڪالوني ۾ گهر اندر 40 سالن جي گوهر تاجا زال شيراز کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس موقعي تي پهتي، مقتولا جو لاش اسپتال نيو ويو. ان ڏس ۾ پوليس ٻڌايو ته مقتولا کي سندس ناٺي رئيس قتل ڪيو آهي، مقتولا جي ڌيءَ صوبيه جي ڪجهه عرصو اڳ شادي هئي پر زال مڙس وچ ۾ جهيڙو رهندو هو جنهنڪري صوبيه ناراضٿي پنهنجي ماءُ جي گهر هلندي ويندي هئي ۽ هن وقت به ماءُ وٽ ترسيل هئي ۽ مڙس جي پرچائڻ تي به واپس گهر نه موٽي رهي هئي، کيس سندس ماءُ اجازت نه ٿئي ڏني، جنهنڪري جوابدار رئيس پنهنجي سس کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو. هوڏانهن نيو ڪراچي جي علائقي پاور هائوس چورنگي ويجهو سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ 18 سالن جو اڻسڃاتل نوجوان قتل ٿي ويو. پوليس موجب پاور هائوس چورنگي تي نجي ڪمپني جو سيڪيورٽي گارڊ عامر خان ڊيوٽي ڪري رهيو هو ۽ مقتول گهٽي ۾ ڪنهن سان ملڻ لاءِ آيل هو، انهيءَ دوران سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو. شڪ آهي ته گارڊ مقتول کي سڃاڻيندو هو. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ ايڌي سرد خاني نيو ويو. هوڏانهن ابراهيم حيدري جي علائقي اڪبر ڳوٺ ۾ سمنڊ ڪناري تان 35 سالن جي اڻسڃاتل عورت جو پرتشدد گوليون لڳل لاش هٿ آيو. پوليس موجب مقتولا کي اغوا کانپوءِ قتل ڪري لاش هتي اڇلايو ويو سندس سڃاڻپ نه ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *