ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ سب انسپيڪٽر ۽ بينڪ مينيجر سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جــَي واقعن ۾ پوليس سب انسپيڪٽر، بينڪ مينيجر ۽ عورت سميت 7 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز مختلف ڪارروائين دوران 10 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. نارٿ ناظم آباد ۾ عبدالله ڪاليج ڀرسان گاڏي تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾سب انسپيڪٽر عمران مارجي ويو. ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ آهي ته ايئن لڳي رهيو آهي ته قتل جو واقعو گاڏي کسڻ جي ڪوشش دوران پيش آيو پر وڌيڪ جاچ جاري آهي. نارٿ ڪراچي ۾ يو پي موڙ ويجهو موٽر سائيڪل سوار جوابدارن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ نذير الدين نالي شخص سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال ۾ علاج دوان فوت ٿي ويو. شيخ نذير الدين گلبرگ جي علائقي فيڊل بي ايريا جو رهواسي ۽ نيشنل بينڪ جو مينيجر هو. گلبرگ ٿاڻي جي علائقي عائشه منزل چورنگي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل شخص عباسي شهيد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ 40 ورهين جي بخت زمان ولد شمشير خان جي نالي سان ڪئي وئي. ڪلري ٿاڻي جي علائقي نيازي چوڪ وٽ موٽر سائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي سڃاڻپ 60 ورهين جي بادل ولد سومار جي نالي سان ٿي جيڪو خالي گودام جو چوڪيدار هو. سوڪ سينٽر ويجهو واقع واٽر بورڊ ڪالوني ۾ خالي پلاٽ مان ڪپڙن ۾ ويڙهيل 40 ورهين جي اڻڄاتل عورت جو لاش مليو. سپر هاءِ وي جنجال ڳوٺ موڙ ويجهو فائرنگ سبب 21 ورهين جو عبدالرزاق ولد نديم خان مارجي ويو، مقتول نادرن باءِ پاس افغان ڪئمپ ڀرسان بهادر ڳوٺ جو رهواسي هو ۽ گلشن اقبلا بلاڪ تيرنهن ڊي ۾ موٽر سائيڪل مڪينڪ جو ڪم ڪندو هو. ٻئي طرف پوليس مسلم ڪالوني ۽ ڪوثر ڪالوني ڪارروائين دوران 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته نيو ڪراچي جي علائقي گوڌرا ۾ رينجرز ڪارروائي ڪئي جنهن دوران ڪيترن ئي شڪي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *