ڪراچي جي مختلف علائقن مان هڪ ٻار سميت ٽن ڄڻن جا لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن مان هڪ ٻار سميت ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جن جــِي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. گلشن معمار جي جنجال ڳوٺ مان هڪ عورت ۽ مرد جا لاش هٿ آيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو آهي. عورت ۽ مرد جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا پر سندن سڃاڻپنه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن صفوران ڳوٺ ويجهو پڻ 7 ورهين جي نينگر جو لاش هٿ آيو،جنهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *