ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ پوليس جي ڪارروائي، 5 جوابدار مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايس آءِ يو ۽ اي وي سي سي ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ جي سربراهه سميت 5 ڏوهارين کي مقابلي ۾ مارڻ ۽ هڪ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.جڏهن ته آءِ جي سنڌ ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ ٽيم لاءِ 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي.ايس آءِ يو جي ايس ايس پي فاروق اعواڻ اي وي سي سي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي دوران شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ گروپ جو خاتمو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڪارروائي دوران گروپ جو سربراهه مظهر ڪالا، محمد تنوير، محمد فهيم، ابن علي ۽ رشيد مارجي ويا، جڏهن ته  هڪ مغوي زاهد علي کي بازياب ڪرايو ويو آهي. پوليس موجب ڏوهاري شهرين جي شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۾ ملوث هئا ۽ هنن مغوي زاهد علي جي وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو. آءِ جي سنڌ ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ ايس آءِ يو ۽ اي وي سي سي پوليس اهلڪارن لاءِ 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي.  ٻي طرف ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. ذريعن موجب  ڊفينس جي خيابان بخاري  واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ کين اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب گرفتار دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي ، جن وٽان مختلف قسم جا هٿيار به هٿ آيا آهن. ذريعن موجب گرفتار دهشتگردن جو تعلق بندش پيل تنظيم سان آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *