ڪراچي جي عدالت پاران الطاف جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري، گرفتار ڪري 20 آگسٽ تائين پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت رينجرز کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جو ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي کيس 20 آگسٽ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سول لائن پوليس پاران ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين کي رينجرز کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ روپوش قرار ڏيڻ ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت الطاف حسين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي کيس 20 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊي جي رينجرز  ميجر جنرل بلال اڪبر رينجرز کي ڌمڪيون ڏيڻ تان الطاف حسين خلاف ڪراچي جي سول لائن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *