ڪراچي جي رستن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن:شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي جو نئين سر ماسٽر پلان تيار ڪيو وڃي ۽ هتي رستن کي عوام لاءِ استعمال جي قابل بڻايو وڃي. اڄ ڪراچي جا وڌيڪ رستا يا ته دڪاندارن پنهنجي سامان ۽ ٻين قبضن ذريعي گهيري رکيا آهن يا وري ان تي ٺيلها ۽ ٻيا قبضا قائم ڪيا ويا آهن ۽ عوام کي صرف 20 سيڪڙو ئي رستو دستياب آهي. ميٽروپوليٽن ڪمشنر کي سمورن رستن تان قبضن جي خاتمي جي سختي سان هدايتون ڪيون ويون آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن آفيسر سان ڪنهن قسم جي ڪا بدتميزي ڪئي وڃي ته ان خلاف فوري طور تي ڪيس داخل ڪرايو وڃي. شهر کي عوام جي اوون ڪرڻ کانسواءِ صفائي سٿرائي جي مهم کي ڪامياب نٿو بڻائي سگهجي. عوام گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي پاڙي ۽ علائقي ۾ پاڻ صفائي لاءِ ميدان ۾ اچي. هن مهم دوران هاڻ صرف آفيسرن ۽ ملازمن کي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هي مهم ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين هن شهر ۽ صوبي کي مڪمل طور تي گندگي، قبضن ۽ دهشتگردي کان پاڪ نٿو ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ مهم جي پنجين ڏينهن ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ صفائي، وڻڪاري ۽ وال چاڪنگ جي خاتمي واري مهم ۾ شرڪت کان پوءِ شارع فيصل تي ايف ٽي سي برج جي آسپاس جي رستن جي ڀتين کان مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن ۽ ڪمرشل وال چاڪنگ کي مٽائڻ کان پوءِ موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي سيف الدين خالد، مظاهر عامر، قومي اسيمبلي ميمبر محبوب عالم، ايم ڊي واٽر بورڊ قطب الدين شيخ، ميٽروپوليٽن ڪمشنر مسعود عالم، ڊپٽي ڪمشنر محمد علي شاهه، ايڊمنسٽريٽر ويسٽ سجاد احمد ميمڻ، ميونسپل ڪمشنر اشفاق ملاح ۽ ٻيا آفيسر به ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير رستن تي پاڻ ٻهارو ڏئي ٻوٽو لڳائڻ کان پوءِ ڀتين تي وال چاڪنگ جو خاتمو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان هن شهر صوبي کي گندگي کان پاڪ بڻائڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ هن شهر ۽ صوبي کي سرسبز ۽ پرامن صوبو بڻائي ئي ساهه پٽينداسين. هن چيو ته آئون ان ڳالهه کي اڄ به ميڊيا آڏو تسليم ڪريان ٿو ته هاڻ تائين پنهنجا گهربل نتيجا حاصل ناهن ڪيا ۽ 100 سيڪڙو صفائي جو اسان ڪوبه دعويٰ ناهي ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *