ڪراچي جي ترقي لاءِ پر عذم آهيون، پاڪستان سي پيڪ تحت اڪنامڪ زون بڻجي رهيو آهي: وزيراعظم

ڪراچي  (اين اين آءِ)  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جمهوريت اڳيان وڌندي رهندي جولاءِ ۾ چونڊون ٿينديون عوام جنهن کي چونڊيندو اهو حڪومت ٺاهيندو ملڪي ترقي لاءِ ضروري آهي ته جمهوريت جو تسلسل جاري رهي ۽ پاليسيون سياست کان مٿانهون هجن. سي پيڪ انتهائي اهميت جوڳو منصوبو آهي ان جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان سان گڏوگڏ خطو به ترقي ڪندو ڪراچي ملڪ جي دل ۽ معاشي حب آهي. ڪراچي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت ڀرپور سهڪار ڪري رهي آهي لياري ايڪسپريس وي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي جي شهرين کي سفر جون سهولتون مهيا ٿينديون هو آچر تي ڪراچيءَ ۾ لياري ايڪسپريس وي رٿا جي اترئين حصي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ڊاڪٽر حافظ عبدالڪريم مريم اورنگزيب، ڄام ڪمال، مفتاح اسماعيل، وسيم اختر، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز، ڊي جي ايف ڊبليو ۽ چيئرمين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. چيئرمين اين ايڇ اي وزيراعظم کي ان رٿا جي تفصيل تي ڄاڻ ڏني ۽ ٻڌايو ته لياري ايڪسپريس وي 38 ڪلوميٽر آهي ان تي اڏاوتي خرچ 10 ارب رپيا آهي ۽ هن منصوبي ۾ 4 انٽرچينج ۽ 20 پلون شامل آهن هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مون کي اڄ هن منصوبي جو افتتاح ڪندي وڏي خوشي ٿي رهي آهي 15 سالن کان ٻڌي رهيو هيس ته هي منصوبو مڪمل ٿيندو پر ڊي جي ايف ڊبليو ۽ چيئرمين اين ايف اي جي ڪوششن سان هي منصوبو مڪمل ٿيو هن منصوبي سان ڪراچي جي شهرين کي سفر جون سهولتون ملي سگهنديون . ايف ڊبليو او گهڻن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ڊي جي ايف ڊبليو او زبردست ڀيٽا پيش ڪيان ٿو وزيراعظم چيو ته لياري ايڪسپريس وي جي رٿا ۾ ڪافي ڏکيائيون هيون حددخليون ۽ آبادي وڏو مسئلو هو پر گورنر محمد زبير ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪوششن سبب هي منصوبو مڪمل ٿيو. هن چيو ته حددخلين کي هٽائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي ڪافي قانوني ڏکيائيون هونديون آهن لياري ايڪسپريس وي جو منصوبو ساڍا پنج ارب رپين جو هيو جيڪو 10 ارب رپين ۾ مڪمل ٿيو. منصوبي ۾ دير ٿئي ته ان تي خرچ وڌي ويندو آهي دير پنهنجي جاءِ تي پر اڄ 15 سالن کانپوءِ هي منصوبو مڪمل ٿي رهيو آهي هن چيو ته ايم نائن موٽروي به مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي ن ليگ جي حڪومت جيڪو منصوبو شروع ڪري ٿي اهو پنهنجي دور ۾ ئي مڪمل ڪري ٿي. روايتون ته اهي آهن جو هڪ منصوبو هڪ حڪومت شروع ڪري ٿي ۽ ٽئين حڪومت ان کي مڪمل ڪري ٿي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ 17 سئو ڪلوميٽر ڇهه لائين موٽرويز مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي ان جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪي معيشت اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ اهميت جوڳو منصوبو آهي ۽ ان منصوبي تحت روڊ، بندرگاهه، ايئرپورٽ، صنعتي علائقن جي اڏاوت ۽ ريلوي جي نظام جي سڌاري لاءِ ڪم جاري آهي سي پيڪ مڪمل ٿيڻ سان روزگار جا موقعا وڌندا ۽ ملڪ خوشحال ٿيندو هن چيو ته مون کي يقين آهي ته ملڪ ۾ ترقي جو سفر جاري رهندو سي پيڪ تيار ٿيڻ سان پاڪستان سان گڏوگڏ خطو به ترقي ڪندو . هن چيو ته اسان جي ڪوشش هئڻ گهرجي ته اسان ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *