ڪراچي جون روشنيون واپس آڻيندس، امپريس مارڪيٽ، ڪورنگي ۽ ملير ضلعن کي تاريخي طور تي بحال ڪيو ويندو: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اهي ڪراچي کي بهترين، سرسبز ۽ خوبصورت شهر ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ شهر جي خوشحالي، پائيداري ۽ سروس ڊليوري تي ڌيان ڏنل آهي ۽ هاڻ ڪراچي جي پراڻن علائقن کي خوبصورت بڻايو پيو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ به هر هڪ ماڻهو گهر خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي، هن اها ڳالهه سي ايم هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جي 82 ملين ڊالر جي تعاون سان ڪراچي ليو ايبل امپورمينٽ پروجيڪٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ شهر جي پراڻن علائقن کي بحال ڪرڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ترقيات محمد وسيم ۽ ان جي ٽيم پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ ناڻي واري حسن نقوي شرڪت ڪئي، وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي قومي معيشت ۾ هڪ مرڪزي حب جي حيثيت حاصل آهي جنهن جو جي ڊي پي ۾ 15 کان 29 سيڪڙو حصو آهي پر ان جي معاشي ترقي خاص طور تي شهر جي پراڻن علائقن ۾ گذريل 2 سالن دوران رفتار تمام گهٽ رهي آهي ۽ اها ڳالهه به تڪليف ڏيندڙ آهي ته ڪراچي گلوبل ليو ايبل انڊيڪس ۾ دنيا جي 140 اهم شهرن جي لسٽ ۾ 134 هين نمبر تي آهي جنهن جو سبب انفرا اسٽڪچر ۾ گيپ، بنيادي خدمتون ۽ شهر جو هڪ وڏو حصو اڃاتائين غير ترقي يافته هجڻ ۽ تاريخي ماڳن جي ابتڙ صورتحال ۽ علائقن جو سرسبز نه هجڻ آهي، سيد مراد علي شاهه چيو ته ورلڊ بيڪ ڪراچي سٽي ڊائگنوسٽڪ جي لاءِ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪئي هئي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد وسيم اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ پاڪستان چوڪ کان امپريس مارڪيٽ، ڪورنگي ۽ ملير ضلعن جي علائقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته پاڪستان چوڪ جي علائقن امپريس مارڪيٽ جي فوٽ پاٿن کي بهتر بڻايو ويندو ۽ اتي پيادل هلندڙ ۽ معذور ماڻهن لاءِ سهولتون ڏنيون وينديون، انهن علائقن ۾ موجود پارڪن کي بحال ڪيو ويندو، هن چيو ته قائد آباد کان اسٽيل مل جنگشن نواب صديق علي خان روڊ کان لسٻيلا تائين اندر پاس، سنگر چورنگي کان يونس چورنگي کان اسپتال چورنگي تائين رستو، کوکرا پار روڊ کان سعود آباد تائين روڊ رستا، اورنگي ۾ مختلف روڊ سائيٽ اوينيو کان پراچا چوڪ کان حبيب چورنگي، جنرل ٽائر روڊ ٽيڪسٽائيل مل کان گلوبل ٽيڪسٽائيل مل لانڍي، بهادر يار جنگ روڊ کان ڊسٽرڪٽ ڪورنگي ۽ عظيم پورا کان شاهراهه الطاف، شاهه فيصل زون تائين روڊن کي ٻيهر تعليم ۽ اپ گريڊ ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *