ڪراچي جون حالتون ڪجهه بهتر آهن، پاڪستان ۾ داعش جو ڪو به وجود ناهي: چوڌري نثار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته داعش جو پاڪستان ۾ ڪو به وجود ناهي، ڪراچي ۾ امن امان لاءِ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ رينجرز جي بيسڪ ريڪورٽس ٽريننگ ڪورس جي 18 هين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته ڏوهارين خلاف ڪراچي ۾ آپريشن جاري رهندو. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف امن امان جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد ڪراچي ايندو ۽ اجلاس به گهــُرايو ويندو. داعش بابت ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو به وجود ناهي. ان کان اڳ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته تقريب ۾ اعليٰ معيار جي پريڊ جو مظاهرو ڪرڻ تي هــُو رينجرز جي جوانن ۽ آفيسرن کي واڌايون ڏئي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ رينجرز جو وڏو ڪردار آهي، ڪراچي ۾ 14 مهينن دوران 4 هزار کان وڌيڪ آپريشن ڪري ساڍا هزار کان وڌيڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويوآهي. چوڌري نثار چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي سنڌ رينجرز ۽ اڳوڻي ڊي جي رينجرز رضوان اختر کي هــُو ڀيٽا پيش ڪري ٿو. گهرو وزير چوڌري نثار اميد ظاهر ڪئي ته رينجرز جو موجوده ڊائريڪٽر جنرل به آپريشن کي اهڙي ريت جاري رکندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *