ڪراچي جون حالتون ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي رهيون آهن: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي جون حالتون ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي رهيون آهن، شهر ۾ آپريشن سڀني پارٽين جي مشاورت سان شروع ڪيو ويو، ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو.  اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان مسلم ليگ نون سان واسطو رکندڙ سيالڪوٽ، گوجرانوالا، نارووال، حافظ آباد ۽ گجرات جي ايم اين ايز ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تڪ جي ترقياتي منصوبن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مسلم ليگ نون جي حڪومت کي توانائي بحران ورثي ۾ مليو آهي پر حڪومت محدود وسيلن باوجود توانائي بحران جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو ڪريڊٽ به مسلم ليگ ن جي حڪومت ڏانهن ئي وڃي ٿو، آپريشن کانپوءِ شهر جون حالتون ڏينهن ڏينهن بهتر ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن ڏوهارين خلاف ٿي رهيو آهي، آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ سڀني پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڙ پٽي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو. ملڪ مان هر صورت ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آهي، ان لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن، ڪراچي آپريشن جا بهتر نتيجا ملي رهيا آهن،

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *