ڪراچي بس حادثي جي ذميوار ائل ٽينڪر ڊرائيور گرفتاري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيشنل هاءِ وي لنڪ روڊ حادثي جي ذميوار آئل ٽينڪر پاڻ گرفتاري ڏئي ڇڏي المناڪ حادثي ۾ 70 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا پوليس ته گرفتار نه ڪري سگهي ڊرائيور پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتاري ڏيڻ کان پهريان آئل ٽينڪر ڊرائيور محمد حنيف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي ڪئي تي شرمنده آهيان ان لاءِ پنهنجي گرفتاري ڏني، پوليس 4 ڏينهن کان آئل ٽينڪر جي ڊرائيور کي گرفتار  ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي ڊرائيور ٻڌايو ته آئل ٽينڪر جو ٽائر ڦاٽڻ سبب بس جي سامهون اچي ويو ۽ حادثو ٿيو ڊرائيور ٻڌايو ته بس ۾ باهه لڳندي ڏسي گهٻرائجي ويو هوس، ان لاءِ فرار ٿي ويس، پر 3 ڏينهن کان سمهي نه سگهيس منهنجا ٻار به پريشان رهيا ته هي ڇا ٿي ويو، محمد حنيف جو چوڻ هو ته حادثي کانپوءِ بس جو دروازو کوکڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو لاڪ اهو ان لاءِ کلي نه سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *