ڪراچي: بحريه ٽائون اڳيان جسقم جو سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڌرڻو، نعريبازي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جسقم پاران بحريا ٽائون ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف صنعان خان قريشي، اڳواڻي ۾ سپر هاءِ وي بحريا ٽائون جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو، هزارين ڪارڪن ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي سپر هاءِ وي تي ويهي رهيا، ڌرڻي سبب سپر هاءِ وي تي حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ ۽ ايندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل، پوليس جا وڏا اٽالا سپر هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان بيٺا رهيا، جسقم پاران 25 آگسٽ  تي سنڌ دشمن منصوبن خلاف نوابشاهه جي بحريا ٽائون جي مک گيٽ اڳيا هڻڻ جو اعلان. خبر موجب جيئي سنڌ قومي محاذ پاران بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري خلاف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ هزارين ڪارڪنن گلشن حديد ۾ بشير خان قريشي جي رهائشگاهه کان ريلي جي صورت ۾ بحريا ٽائون ڏانهن روانا ٿيا، ريلي ۾ سڄي سنڌ جي مختلف هنڌن کان آيل ڪارڪنن ۾ هڪ وڏو جوش ۽ جذبو هيو، جيڪي ڌاري آبادڪاري، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ذوالفقار آباد خلاف نعرا لڳائي رهيا هئا، ريلي جڏهن بحريا ٽائون جي مک گيٽ اڳيان پهتي ته ڪارڪنن سپر هاءِ وي کي بلاڪ ڪري روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، وائيس چيئرمين ڪيهر انصاري، ساگر حنيف بڙدي، ڏاڏو جکراڻي، صفدر تنيو، سرفراز ميمڻ، الاهي بخش بڪڪ، محبوب ابڙو، ناياب سرڪش سنڌي، اداڪار اسد قريشي، ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جو صدر محبوب عباسي، کان علاوه مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ايم پي اي حاجي شفيع محمد ڄاموٽ، اڳوڻو ٽائون ناظم سيد خدا ڏنو شاهه، ناميارو محقق گل حسن ڪلمتي سميت ملير جي مختلف ڳوٺن جا رهواسي پڻ ڌرڻي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ سخت گرمي ۾ روڊ تي ويهي رهيا ۽ احتجاج ڪندا رهيا، ڌرڻي کي خطاب ڪندي جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي جيستائين هڪ به سنڌي جيئرو آهي تيستائين سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀرپور احتجاج جاري رکنداسين. هن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ جا حڪمران سنڌ کپائي رهيا آهن ۽ ملڪ رياض جهڙي پنجاب مان تڙيل بلڊر کي سنڌ جون زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي نيلام ڪري لکين ڌارين کي هتي آباد ڪري سنڌ کي بين الاقوامي يتيم خانو بنائي رهيا آهن. هن چيو ته آصف زرداري ۽ ملڪ رياض جي دوستي صرف سنڌ کي کپائڻ تائين محدود آهي. مان سنڌ جي سمورن قومپرست ڌرين کي اپيل ٿو ڪريان ته هو پنهنجا سمورا ويڇا وساري سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف گڏجي جدوجهد ڪريون ۽ سنڌ کي بچائڻ خاطر سمورا اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي دشمنن کي ٻڌايون ته سنڌ جا وارث سنڌي متحد آهن. هن چيو ته اڄ بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان هي هزارين سنڌي ماڻهو گڏ ٿي اهو پيغام ڏئي رهيا آهن ته هي سنڌ دشمن منصوبا اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. ان موقعي تي 25 آگسٽ تي نوابشاهه ۾ ٺهندڙ بحريا ٽائون جي مين گيٽ اڳيان ٻيهر ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي پر امن قوم آهي جيڪا مذهبي انتها پسندي کي رد ڪري ٿي. هتي ڌارين جي آبادڪاري سان مذهبي انتها پسندي کي هٿي ملي آهي ۽ صوفين جي سرزمين تي اڄ دهشتگردن جو راڄ قائم آهي. هن چيو ته ڌاري آبادڪاري ڪرائي ڌرتي ڌڻين کي اقيلت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. جنهن خلاف جسقم اڄ کان احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي آهي. جسقم ڪنهن به صورت ۾ سنڌ دشمن منصوبن جي اڏاوت تي خاموش نه ويهندي. هي منصوبا ڪالا باغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. هنن منصوبن جي ڪري اسان جي ڌرتي اسان جي پيرن هيٺان کسڪائي پئي وڃي. ان موقعي تي وائيس چيئرمين ڪيهر انصاري، ساگر حنيف بڙدي، ڏاڏو جکراڻي، صفدر تنيو، سرفراز ميمڻ، الاهي بخش بڪڪ، محبوب ابڙو، ناياب سرڪش سنڌي، اداڪار اسد قريشي، ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جو صدر محبوب عباسي، کان علاوه مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ايم پي اي حاجي شفيع محمد ڄاموٽ، اڳوڻو ٽائون ناظم سيد خدا ڏنو شاهه، ناميارو محقق گل حسن ڪلمتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جسقم طرفان بحريا ٽائون جي مين گيٽ وٽ ڌرڻي هڻڻ وقت ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر نجيب خان پوليس جي وڏن اٽالن سان گڏ موجود هيو جيڪو بحريا ٽائون جي گيٽ طرف وڌندڙ ڪارڪنن کي گيٽ کان اندر اچڻ کان روڪي رهيو هو. ۽ پوليس جي نفري بحريا ٽائون جي چئني پاسن تي موجود هئي. جسقم جي جوشيلن ڪارڪنن بحريا ٽائون جي مين گيٽ اڳيان لڳل بجلي جي ٿنڀن تي چڙهي جسقم جا جهنڊا هنيا. هڪ جوشيلي ڪارڪن پنهنجي شرٽ ڦاڙي جيئي سنڌ جو جهنڊو پول تي مٿي چڙهي لڳائي ان سان مضبوطيءَ سان ٻڌي ڇڏيو. جنهن تي جسقم جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ان جوشيلي ڪارڪن جو اٿي بيهه تاڙين سان استقبال ڪيو. ان دوران ڪيترائي جسقم ڪارڪن بحريا ٽائون گيٽ اڳيان جيئي سنڌ جا جهنڊا لڳائيندا نظر آيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *