
ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اورنگي ٽائون بهار ڪالوني ۾ فائرنگ سبب 2 ڀائرن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون جي بهار ڪالوني جي پهاڙ تي هڪ اوطاق ۾ جوابدارن جي انڌاڌنڌ فائرنگ سبب ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ عدنان عرف راجو، امتياز ۽ نديم جي نالن سان ٿي، امتياز ۽ عدنان جي ڀاءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدنان ننڍو ڀاءُ هو جنهن جي 6 مهينا اڳ ئي شادي ٿي هئي. ايس ايس پي ويسٽ موجب فائرنگ جو واقعو رهائشي علائقي ۾ هڪ اوطاق ۾ پيش آيو جيڪو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو. پوليس واقعي واري جاءِ تان شراب جون خالي بوتلون ۽ ڊسپوزل گلاس هٿ ڪري ورتا آهن.