ڪراچي انتظاميا پوليو ورڪرن جي سيڪيورٽي لاءِ 700 پوليس اهلڪار گهري ورتا

اسلام آباد (بيورو) ڪراچي انتظاميا پوليو ورڪرن جي سيڪيورٽي لاءِ آءِ جي سنڌ کان 0 0 7 پوليس اهلڪار گهري ورتا. تفصيل موجب ڪمشنر ڪراچي طرفان پوليو ورڪرن جي سيڪيورٽي لاءِ آءِ جي سنڌ کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ پوليو روڪٿام مهم جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس اهلڪارن جي سخت ضرورت آهي، شهر ۾ ڪم ڪندڙ پوليو ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ 0 0 7 اهلڪار فراهم ڪيا وڃن. ياد رهي ته وڏي وزير پوليو مهم جي سيڪيورٽي لاءِ الڳ فورس بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو. خط جي متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورس جي جوڙجڪ ۾ دير سان مهم ناڪام ٿيڻ جو خدشو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *