ڪراچي آپريشن دهشتگردن ۽ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي: وڏو وزير

حيدرآباد (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  چيو آهي ته  پشاور سانحي ۽ 21 ترميم جي منظوري کانپوءِ آپريشن ۾ تيزي سان سنڌ اندر  امن امان جي صورتحال ۾  غير معمولي بهتري آئي آهي  جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي تازن ٻن اڻوڻندڙ واقعن باوجود پوليس ۽ رينجرز ، پاڪستان آرمي جي سهڪار سان ڀرپور ڪارروايون ڪندي ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي  جنهن دوران سوين دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرز ۽  ڀتا خورن کي گرفتار ڪري  جيل اماڻيو ويو آهي ۽ تمام جلد ڏوهاري عنصرن کي گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو  . هن اهڙو اظهار اڄ  صوبائي وزير لائيواسٽاڪ ۽ فشريز ڄام خان شورو جي ڳوٺ ڪرن شورو ۾ رهائشگاهه تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 4 اپريل تي ٿيندڙ ورسي جي حوالي سان پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو _ وڏي وزير سيد قاعلي شاهه وڌيڪ چيو ته  ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل فيصلي سان 21 ترميم منظور ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جاري  آپريشن  کي تيز ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر امن امان جي صورتحال ۾ غير معمولي بهتري آئي آهي ۽ ڏوهاري سرگرمين تي پڻ ضابطو آندو ويو آهي . هن چيو ته ڪراچي ۾ شروع ڪيل ٽارگيٽيڊ آپريشن  سان پڻ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي جنهن دوران ٽارگيٽ ڪلنگ  ۽ ڀتا خوري جي واقعن ۾  پڻ گهٽائي آئي آهي . هن ٻڌايو ته ڪيترائي ٽارگيٽ ڪلرز ۽ 500 کان وڌيڪ ڀتا خور گرفتار ڪيا ويا آهن  جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ دهشتگردي جا ٻه اڻوڻندڙ واقعا پڻ پيش آيا آهن پر ان سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام جا حوصلا گهٽيا ناهن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي ڪئي وئي آهي _ هن چيو ته پشاور سانحي ۽ مذهبي اڳواڻ خالد محمود سومرو  جي قتل جي جوابدارن کي پڻ  گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ اها  سنڌ حڪومت جي امن امان بابت سنجيده قدمن جي ڪاميابي آهي _ هن دعويٰ ڪئي ته هن وقت سنڌ جو امن امان گذريل 20 کان 25 سالن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي _ وڏي وزير  هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي  ۽ اهڙن وسيلن کي عوام جي فلاح بهبود لاءِ پڻ ڪتب آندو پيو وڃي _جيتوڻيڪ سنڌ مان نڪرندڙ گئس جو 40 سيڪڙو ٻين صوبن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو ۽ 35 سيڪڙو مقامي ماڻهن جي فلاح بهبود لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي _ هن وڌيڪ چيو ته  گئس جو اسم آئين مطابق گڏيل مفادن واري ڪائونسل  جو  معاملو آهي جنهن بابت ڪائونسل ئي فيصلا ڪري سگهي ٿي تنهن باوجود به سنڌ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت ڪائونسل جي هر اجلاس ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي رهندي_ سندس مطابق ڇاڪاڻ ته  هن وقت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 18 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي _ هن وڌيڪ چيو ته گئس جي کوٽ وارن علائقن ۾ آئين مطابق ايل اين جي استعمال ڪري سگهجي ٿي پر جتان قدرتي گئس  نڪري ٿي اتي مقامي ماڻهن کي گئس جي سهولت ڏيڻ سندن آئيني حق آهي _ان کان اڳ  پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيڪو پ پ پ سنڌ جو صدر پڻ آهي  چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 4 اپريل تي ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي ڇاڪاڻ ته 4 اپريل ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت وارو ڏهاڙو 27 ڊسمبر پارٽي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ ان ڏهاڙن تي سڄي ملڪ جو عوام  ڳڙهي خدا بخش وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي قائدين کي خراج عقيدت پيش ڪندو آهي _ هن چيو ته هن سال پراڻي روايت کي برقرار رکندي ۽ ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي ورسي جي تقريب صبح جو 9 وڳي شروع ڪئي ويندي جنهن جي ابتدا قرآن خواني سان ڪئي ويندي ۽ مزار تي منجهند  جو اڍائي وڳي دعا گهري ويندي جنهن کانپوءِ لنگر شروع ڪيو ويندو جڏهن ته  شام جو 4 کان 6 وڳي تائين پارٽي جي اعليٰ قيادت  خطاب ڪندي جنهن بعد ساڍي 6 وڳي دعا گهري ويندي _ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو  جهڙي ريت عوام جي خدمت ڪئي آهي ان جو مثال ماضي ۾ ڪٿي به نٿو ملي ۽ سندن نقشي قدم تي هلندي اسان ملڪ کي درپيش بحرانن مان ڪڍي سگهون ٿا_ هن چيو ته هن وقت پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جهڙي ريت دانشمندي سان پارٽي هلائي رهيو آهي ان جي ڪاميابي جو مثال هي آهي ته اڄ  ملڪ جا سياستدان پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ساڻس صلاح مصلحت ڪن ٿا _ قائم علي شاهه پ پ پ ڪارڪنن سان مخاطب ٿيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اليڪشن ڪميشن 20 سيپٽمبر 2015 تي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي  ۽ پ پ پ جي سمورن ڪارڪنن کي هن وقت کان ئي چونڊن جي سلسلي ۾ تياريون شروع ڪرڻ گهرجن _ان سان گڏوگڏ تڪبندين جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي _ هن چيو ته هن وقت ٿيل تڪبندين  تحت شهري علائقن ۾ هڪ يو سي جي آبادي 40 هزار جڏهن ته ٻهراڙي ۾ يو سي جي آبادي 10 هزار آهي ۽ آبادي جي مناسبت سان هر يو سي ۾ 5 کان 10 وارڊ ٺاهيا ويندا _ هن وڌيڪ چيو ته پ  پ  پ حڪومت ئي قومي اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي  مڪاني چونڊن ۾ عورتن کي 33 سيڪڙو نمائندگي جو حق ڏنو _ هن مڪاني چونڊن جي حوالي سان پ پ پ ڪارڪنن وچ ۾ اختلافن واري تاثر کي رد ڪندي چيو ته ڪارڪنن وچ ۾ ان حوالي سان ڪي به اختلاف منظر عام تي نه آيا آهن ۽ نه ئي ڪارڪن اهڙي  عمل جو حصو بڻجندا ڇاڪاڻ ته پ پ پ قيادت ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڪارڪنن کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ مڪاني چونڊن ۾ ڪارڪن ٻڌي ۽ اتحاد سان تاريخي ڪاميابي حاصل ڪري دنيا ۾ اهو ثابت ڪندا ته  عوام  پ پ پ سان هر وقت گڏ آهي _ ان کان اڳ اجلاس کي خطاب ڪندي  پ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر چيو ته ملڪ ۾ اڄ قائم جمهوريت ڀٽو خاندان جي قربانين جو نتيجو آهي ۽ ڀٽو خاندان جي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو  ٻن بدترين آمريتن سان وڙهي انهن کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو _ هن چيو ته پ پ پ ڪارڪن آمريتن جي دور ۾ پابندين ۽ رڪاوٽن باوجود ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدا بخش پهچندا هئا ۽ اڄ به سندن اهو جذبو برقرار آهي _ان موقعي تي پ پ پ حيدرآباد جي ضلعي صدر  زاهد علي ڀرڳڙي خطاب ڪندي چيو ته اڄ غير جمهوري عنصر آمريت جي چادر پائي پ پ پ خلاف سازشون ڪري رهيا آهن پر اسان کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان  آصف علي زرداري جي دانشمندي ۽ بي مثال قيادت ۾ سندن ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين _ اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ۽ پ پ پ حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ڄام خان شورو چيو ته  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسانجو سياسي مرشد آهي جنهن جي ورسي ۾ حيدرآباد جو عوام وڌ کان وڌ شرڪت ڪندو _اجلاس ۾ سينيٽر سسئي پليجو ، عبدالطيف انصاري ، اڳوڻي سينيٽر مولابخش چانڊيو ، ايم اين اي امير علي شاهه ڄاموٽ ، صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو ، پ پ پ اڳواڻن صادق ميمڻ ، ضياعباس رضوي ، پير امجد شاهه جيلاني ، عبدالجبار خان ، امين لاکو ،  ڊاڪٽر تحسين شيخ ، فياض شاهه ، عاجز ڌامراهه ، حنا دستگير ، پاشا قاضي ، سهراب خان مري ، صنم ٽالپر ، شگفته جماڻي ،  فرحين مغل ، احسان ابڙو ، امداد پتافي ، سردار ڪمال خان چانگ ، غلام شاهه جيلاني  ۽  حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعي ، تعلقي  ۽ يو سي سميت ذيلي تنظيمن جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پريس ڪانفرنس جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جي ميمبر ۽ سينيئر صحافي علي حسن کي سنڌ حڪومت طرفان پريس ڪلب حيدرآباد لاءِ  20 لک رپين جي گرانٽ جو چيڪ پڻ ڏنو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *