ڪراچي آپريشن جاري رهندو: وزير اعظم جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ هر صورت ۾ امن امان ٻهال ڪنداسين ۽ اُن کي ڏوهن کان پاڪ شهر بڻائڻ منهنجو مشن آهي. اسلام آباد ۾ نيشنل ايوي ايشن پاليسي 2015 جي اعلان جي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت کي ملڪي مسئلن جو احساس آهي. محدود وسيلن جي باوجود ملڪ کي عظيم تر بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. حڪومت عوام جي مسئلن ۽ ان جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ذميواري نڀائينداسين ۽ اُن لاءِ پاڪستان کي ترقي يافته ۽ محفوظ ملڪ بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. حڪومتي قدمن سبب ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي جنهن سبب مثبت اثر ٿي رهيا آهن. عالمي ادارا به پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري جو اعتراف ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن سان نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان کي فائدو ٿيندو، شهر ۾ امن بحال ٿيندو ته اقتصادي  سرگريون به ٿينديون. امن جي قيام لاءِ ڏوهارين خلاف آپريشن سمورين سياسي پارٽي سان مشوري ۽ رضامندي سان شروع ڪيو جنهن سبب ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا، ڀنگ ۽ ڀتي جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *