ڪراچي آپريشن جاري آهي پوءِ به روزانو ماڻهو شهيد پيا ٿين: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ پوليس جي جانچ فنڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران آئي جي سنڌ جي رپورٽ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، ڪراچي آپريشن جاري آهي، روزانو ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن ۽ اوهان کي ڪشمور ۽ مٽياري جي فڪر آهي، انهن ضلعن کي ڪروڙين روپين جا فنڊ ڇو جاري ڪيا ويا؟ سپريم ڪورٽ آئي جي سنڌ جي فنڊن جي جانچ بابت رپورٽ تي مايوسي جو اظهار ڪندي ضلعن کي فرهام ڪيل پئسن بابت رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. پوليس جي جانچ آفيسرن کي فنڊز جي فراهمي بابت ڪيس جي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي ٿي. چيف سيڪريٽري، آئي جي، سيڪريٽري فنانس ۽ گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته جانچ جي مد ۾ ڪشمور کي هڪ ڪروڙ،م مٽياري کي 2 ڪروڙ، دادو کي ساڍا 3 ڪروڙ فراهم ڪيا ويا. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن جاري آهي، روزانو ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن، اوهان کي ڪشمور ۽ مٽياري جو فڪر آهي، حالتن ڪابه بهتري نه آئي آهي، حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، رڳو ٽي وي ۽ اخبارن ۾ بيان ڏيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. عدالت ڊي آئي جي ٽريفڪ کي شعبي لاءِ 22 ڪروڙ 50 لک روپيا فوري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *