ڪراچي آپريشن ايم ڪيو ايم سميت سمورين جماعتن جي حمايت سان پيو ٿئي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ ۾ ڀنگ عيوض اغوا جو هڪ به ڪيس نه هئڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن متحده سميت سمورين جماعتن جي حمايت سان ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪارروائي جا مڪمل اختيار آهن. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قائم علي شاهه چيو ته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ آپريشن سمورين جماعتن سان صلاح مشوري بعد شروع ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته آپريشن کانپوءِ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي حد تائين بهتر ٿي آهي. نائين زيرو تي ڇاپي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سيد قائم علي شاهه چيو ته رينجرز ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي ڇاپو 21هين آئيني ترميم تحت هنيو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وزيراعظم ميان نواز شريف مڪمل اختيار ڏنا آهن. وڏي وزير چيو ته نائين زيرو تي ڇاپي وارو ڪيس هاڻي عدالت ۾ آهي،انڪري هو ڪو به تبصرو نٿو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وقاص شاهه جي قتل جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ان موقعي تي دعويٰ ڪئي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين صوبي ۾ ڪٿي به ڀنگ لاءِ اغوا جو ڪيس موجود ناهي. ان کان اڳ سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 87هين پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه،سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو اعتراف ڪندي چيو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي عوام کي پ پ سرڪار مان وڏيون اميدون آهن، جن تي پورو لهڻ لاءِ هو ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهن. قائم علي شاهه چيو ته سنڌ کي پرامن بڻائڻ لاءِ پوليس جي جوانن جي فوج کان تربيت ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هـُن چيو ته تمام جلد سنڌ پوليس جون پگهارون به پنجاب پوليس جي برابر ڪيون وينديون، جنهن لاءِ پوليس جي بجيٽ 15 ارب مان وڌائي 60 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ ڪجهه وقت ۾ سنڌ پوليس کي جديد ترين ۽ هر قسم جون سهولتون ميسر هونديون. شڪارپور سانحي بابت ڳالهائيندي سيد قائم علي شاهه چيو ته شڪارپور سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *