ڪراچي آپريش،11 سئو کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا، 64هزار 493 جوابدارن گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس دوران پوليس ڪراچي آپريشن جي رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته ٻن سالن دوران مجموعي طور 64هزار 493 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو،1171جوابدار مارجي ويا،  جوابدارن وٽان 575 ڪلو ڌماڪيدار مادو ۽ 15هزار 475 هٿيار هٿ ڪيا آهن. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جاچ پوليس کي فنڊز جي فراهمي بابت ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس دوران پوليس ڪراچي آپريشن بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن دوران مختلف ڪيسن ۾ گهربل 25 هزار 475 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس رپورٽ موجب آپريشن دوران 250 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شهيد ٿيا ۽ جوابدارن وٽان 575 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو. رپورٽ موجب پوليس جي ڪاررواين دوران 1171 جوابدار مارجي ويا، جن ۾ 841 ڌاڙيل، 282دهشتگرد، 38 اغوا ڪندڙ ۽ 10 ڀتا خور شامل هئا. ڪراچي آپريشن جي رپورٽ ۾ پوليس ڄاڻايو آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان 17 آپگهاتي جيڪٽس به هٿ ڪيون ويون آهن. اجلاس دوران ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر پاران ٻڌايو ويو ته جاچ پوليس لاءِ ايس ايس پي جي اڪائونٽ ۾ فنڊز منتقل ڪيا ويا آهن، جنهن سان  جاچ ۾ سڌارا ايندا. آءِ جي سنڌ پوليس عملدارن کي رشيد گوڊيل تي حملي ۽ وڪيل امير حيدر شاهه جي قتل ۾ ملوٽ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *