ڪراچي۾ جهڳين کي باهه، 4 ٻارڙن سميت 5 ڄڻا سڙي فوت

ڪراچي (اين اين آءِ) گلستان جوهر ۾ ڳجهين ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ٻارڙن سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، ڪيترائي زخمي ٿيا، تفصيل مطابق گلستان جوهر ۾ جهڳين ۾ باهه لڳي جنهن ۾ 5 ڄڻا سڙي فوت ۽ 7 زخمي ٿيا جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فائر برگيڊ عملي وقت تي پهچي ٻين جهڳين کي سڙڻ کان بچائي ورتو، اکين ڏٺي شاهدن مطابق هڪ جهڳي ۾ کاڌو تيار ڪرڻ دورران باهه لڳي جنهن سبب ٻئي جهڳي کي باهه لڳي وئي، جڏهن ته پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ باهه جي واقعي ۾ 5 ٻارڙن جي سڙي فوت ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جو زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اطهار ڪندي واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، هن ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪراچي ميٽرول پولٽين ڪارپوريشن جي ايڊمسنٽريٽر کي واقعي جي جاچ ۽ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن متاثر ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته سندن علاج ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، سنڌ جي گورنر فوت ٻارڙن جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *