ڪراچيءَ ۾ هٿياربندن جي پوليس موبائل تي فائرنگ، سب انسپيڪٽر سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عزيز آباد واري علائقي ڀنگوريه ڳوٺ ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر سميت 3 پوليس اهلڪار مارجي ويا. سينيئر پوليس آفيسرن مطابق اربع جي صبح عزيز ڀٽي ٿاڻي جي موبائل گشت ختم ڪري واپس اچي رهي هئي ته ڀنگوريه ڳوٺ ۾ 4 اڻڄاتل هٿياربندن جيڪي موٽر سائيڪل تي سوار هئا، پوليس موبائل مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر سڪندر ۽ 2 سپاهي اشرف ۽ آصف اجل جو شڪار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس جا وڏا اٽالا واقعي واري هنڌ پهتا ۽ لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. دهشتگرديءَ جي اطلاع تي ڊي جي رينجرز ۽ اعليٰ پوليس آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ وارادات واري جي جاءِ جو جائزو ورتو. هوڏانهن پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *