ڪراچيءَ ۾ رينجرز موبائل ڀرسان خودڪش ڌماڪو، 2 اهلڪار شهيد، عورت سميت 3 واٽهڙو زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ رينجرز جي موبائل ڀرسان ڌماڪي ۾ 2 رينجرز اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن. ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ تقي سينٽر جي ڀرسان رينجرز جي موبائل معمول جي ڊيوٽي مقرر هئي ته اُن دوران موبائل جي ڀرسان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، ڌماڪي ۾ 2 رينجرز اهڪار شهيد ۽ 3 واٽهڙو زخمي ٿي پيا. ڌماڪي ۾ مارجي ويل رينجرز اهلڪارن جي سڃاڻپ يارمحمد ۽ قاسم جي نالن سان ٿي آهي. ناظم آباد ۾ ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويو جن زخمين ۽ فوتين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. ڌماڪي ۾ رينجرز جي گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، ڌماڪي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ جو گهيراءُ ڪري ورتو ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو. سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جمعي جي ڏينهن آرام باغ جي علائقي ۾ صالح مسجد ۽ ان کان پوءِ شام جي وقت نارٿ ناظم آباد ۾ رينجرز جي موبائل تي بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي بزدلاڻو ۽ شرمناڪ عمل قرار ڏنو آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو جو ارادو ڪيو ته اسان جي رينجرز ۽ پوليس جا حوصلا اڳ به بلند هئا ۽ هاڻ به بلند آهن ۽ ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ دهشتگردن ۽ دهشتگردي خلاف ٽارگيٽيڊ ايڪشن انهن جي خاتمي تائين جاري هندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته معصوم ۽ بي گناه نمازين تي حملا ڪندڙ دهشتگرد جيڪڏهن اهو سمجھن ٿا ته هو هن ملڪ جي غيرتمند عوام تي قابض ٿي ويندا ته اها سندن ڀل آهي. هن چيو ته اسان جا امن امان جي بحالي وارا ادارا خاص ڪري رينجرز ۽ پوليس دهشتگردن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻ هو ان قسم جون بزدلاڻيون ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. هن شام جي وقت رينجرز جي موبائل تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته رينجرز جي موبائل تي حملو شرمناڪ ۽ بزدلاڻو عمل آهي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گھٽ آهي. هن چيو ته اسان جي رينجرز ۽ پوليس جا حوصلا پهرين به بلند هئا ۽ هاڻ به بلند آهن. ڪراچي سميت پوري صوبي ۾ دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ ايڪشن جاري رهندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته رينجرز ۽ پوليس جون قربانيون ضايع نه وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *