ڪراچي، گجرات ۽ زيارت ۾ مقابلا، گهربل جنگجو ۽ پابندي پيل تنظيم جي دهشتگردن سميت 8 مارجي ويا

ڪراچي/گجرات/زيارت(م.د)ڪراچي جي مشرف ڪالوني ۾ رينجرز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن، رينجرز ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي پيل تنظيم سان آهي.. مشرف ڪالوني ۾ رينجرز ڏوهارين جي اطلاع تي سرچ آپرشن شروع ڪيو ته ڏوهارين رينجرز کي ڏسندي ئي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، رينجرز جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 جوابدار مارجي ويا، هڪ رينجرز اهلڪار به زخمي ٿي پيو… رينجرز ترجمان موجب مارجي ويل چار ئي جوابدارن جو تعلق پاپنديمڙهيل تنظيم سان آهي. ٻئي پاسي، فرنٽير ڪالوني ۾ رينجرز سرچ آپريشن ڪري مختلف ڏوهن ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان موجب دهشتگردن خلاف ڪاميابي سان آپريشن جاري آهي، آپريشن دوران مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف گجرات لاله موسيٰ جي علائقي ۾ پوليس ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا اهم دهشتگرد مارجي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته گجرات جي علائقي لاله موسيٰ ۾ پوليس پاران مبينا گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ پابندي مڙهيل طالبان تنظيم  جي دهشتگرد پنهنجي انجام تائين پهچي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ افضل عرف فوجي ۽ احمد عرف بابا جي نالي سان ٿي آهي، ڊي پي او جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد حساس جاين تي حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا، جڏهن ته دهشتگردن ان کان پهرين به گجرات ۾ پاڪ فوج جي ڪئمپ ٽريينگ اسڪول ۽ ٻين حساسن جاين تي حملا ڪري چڪا آهن. هوڏانهن بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ حساس ادارن ۽ ايف سي جو مشترڪا آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته زيارت جي علائقي سنجاوي ۾ حساس اداري ۽ فرنٽيئر ڪور دهشتگردن جي موجودگي اطلاع تي ڇاپي هڻو ڪارروائي ڪئي، ڪارروائي دوران دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن نتيجي ۾ هڪ ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتا آهن، ايف سي جي ترجمان مطابق دهشتگرد اغوا ۽ سيڪيورٽي فورسز  تي حملن ۾ ملوث هئا، مارجي ويلن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان جو اهم جنگجو به شامل آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل زخمي دهشتگردن کي طبي امداد کان پوءِ جاچ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *