ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به پيٽرول جو بحران، پمپ بند

ڪراچي/حيدرآباد/لاڙڪاڻو/ميرپورخاص(نمائندن وٽان) حيدرآباد: پنجاب ۾ پئٽرول جي بحران کان پوءِ ڪراچي حيدرآباد جا اڪثر پئٽرول پمپ پئٽرول نه هئڻ جي ڪري بند پيل آهن. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ پئٽرول جي بحران واري صورتحال جي ڪري شهري پئٽرول خريد ڪرڻ جي لاءِ پئٽرول پمپن تي وڏي تعداد ۾ پهچي ويا آهن جنهن ڪري پئٽرول پمپن تي موجود پئٽرول جا ذخيرا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. پئٽرول ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پئٽرول جا ذخيرا صرف ٽن ڏينهن جي لاءِ بچا آهن جيڪڏهن شهرين پاران اهڙي صورتحال ۾ پئٽرول خريد ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته ذخيرا جلد ختم ٿي ويندا. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ گذريل رات کان پئٽرول جي وڏي پئماني تي خريداري جي ڪري 80 سيڪڙو کان وڌيڪ پئٽرول پمپ تيل نه هئڻ جي ڪري بند ٿي چڪا آهن. ميرپور خاص ۾ به پئٽرول نه هئڻ جي ڪري پئٽرول پمپ بند پيل آهن. سنڌ جي 3 نمبر وڏي شهر سکر ۾ به حيدرآباد واري ساڳئي صورتحال پئدا ٿي وئي آهي. پئٽرول نه ملڻ جي ڪري شهري سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهن.، ٻئي طرف سنڌ سرڪار، صوبي ۾ پيٽرول جو هٿرادو بحران پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪندي وفاق تي زور ڀريو آهي ته صوبي لاءِ مقرر پيٽرول جي ڪوٽا ۾ ڪنهن به صورت ۾ گهٽتائي نه ڪئي وڃي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته صوبي ۾ هٿرادو نموني پيٽرول جو بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي سان فون تي رابطو ڪري پيٽرول جي بحران واري معاملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صوبائي وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي تي زور ڀريو ته سنڌ کي پنهنجي ڪوٽا تحت پيٽرول جي فراهمي جاري رکي وڃي ۽ ان ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي خاطري ڪرائي ته سنڌ کي ملندڙ تيل جي ڪوٽا ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي ويندي. .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *