سکر(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه مخالفن تي تنقيد جا تير هلائيندي چيو آهي ته ڪجھه ماڻهو سياست ۾ پيسا ڪمائڻ ايندا آهن. سکر ۾ پ پ ليڊيز ونگ پاران محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي بابت ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪي سياستدان اهڙا به آهن جن جو سياست ۾ اچڻ جو مقصد صرف ئي صرف پيسو ٺاهڻ آهي پر ڪجھه ماڻهو وري عوام سان ڪيل واعدن تي جان قربان ڪري ڇڏيندا آهن. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو شهيد ۽ شهيد ذُوالفقار علي ڀٽو موت کي شڪست ڏني ۽ کٽي ويا.