ڪجهه معاملن ۾ پنهنجي اندر ۾ باغي آهيان:شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور پنهنجي انيندڙ فلم ”باغي“ ۾ هڪ باغي ڇوڪري جو ڪردار ڪري رهي آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته هوءَ ڪجهه معاملن ۾ پنهنجي اندر ۾ به باغي آهي، ليڪ مي فيشن ويڪ جي موقعي تي هڪ ڀارتي خابرو اداري سان ڳالهائيندي شرڌا ڪپور چيو ته هوءَ ان خيال کي رد ڪري ٿي ته بنا ڪنهن مقصد جي باغي بڻجي وڃجي، هن چيو ته مان ڪنهن مقصد لاءِ باغي بڻجڻ چاهيان ٿي، اهو مقصد ڪهڙو به ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ مان يقين رکندي هجان، باقي بنا ڪنهن مقصد جي باغي بڻجي وڃن جي حامي ناهيان، شرڌا ڪپور جي فلم ” باغي“ ۾ سندس هيرو ٽائيگر شيروف آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *