ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته مونکي هٽائي اقتدار ۾ هليا اچن، اسين پئسا ڪمائڻ لاءِ ناهيون آيا: نوازشريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم،هارين لاءِ 341 ارب رپين کان وڌيڪ رليف پيڪيج ۽ ننڍن هارين کي ڪيش رقم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نواز شريف جو چوڻ آهي ته هارين کي سڌيءَ ريت مالي سهڪار ۽ قرض حاصل ڪرڻ آسان بڻايو ويندو. وزيراعظم نواز شريف، هارين لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان اسلام آباد ۾ منعقد تقريب کي خطاب دوران ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته کين هارين ۽ آبادگارن جي تڪليف جو احساس آهي،جڏهن ته هاري 20 ڪروڙ عوام لاءِ فصل اپائيندا آهن تنهن ڪري انهن کي تڪليف نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته هـُو هارين لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان اڳ ڪرڻ چاهي پيو ته جيئن هارين کي فائدو پهچي سگهي پر جڏهن هنن حڪومت سنڀالي ته ملڪي خزانو بلڪل خالي هو ۽ ملڪي اقتصادي صورتحال ايتري خراب هئي جو چيو ويندو ته پاڪستان 2014ع ۾ ڊيفالٽر ٿي ويندو. نواز شريف چيو ته سندن حڪومت ذميواري ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو جڏهن ته هارين لاءِ امدادي پيڪيج احسان نه پر حڪومت جو فرض آهي. وزيراعظم، هارين لاءِ 341 ارب رپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته هـِي پيڪيج چئن حصن تي ٻڌل آهي جنهن جي پهرين حصي ۾ هارين کي سڌي ريت مالي سهڪار فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻئي حصي ۾ پيداواري لاڳت گهٽ ڪئي ويندي، ٽيون حصو هارين کي زرعي قرضن تي ٻڌل آهي ۽ رليف پيڪيج جو چوٿون حصو هارين کي قرض حاصل ڪرڻ آسان بڻائيندو. نواز شريف چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽ ٿيڻ سان هارين کي پنهنجي محنت جو معاوضو ناهي ملندو ان ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪپهه ۽ چانورن جي ساڍا 12 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ ڪيش سپورٽ ڏني ويندي جڏهن ته ان ڪم لاءِ 20 – 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ساڍا 12 ايڪڙن کان گهٽ زمين رکندڙ هارين کي وياج کانسواءِ قرض ڏنا ويندا ۽ هارين کي سڌيءَ ريت مالي سهڪار ۽ قرض حاصل ڪرڻ آسان بڻايو ويندو جڏهن ته زرعي ڀاڻ جي في ٻوري 500 رپيا گهٽتائي ڪئي ويندي. نواز شريف جو چوڻ هو ته زرعي ڀاڻ جي اگهن کي پراڻي سطح تي آندو ويندو ۽ ٽيوب ويل جي بجلي لاءِ 7 ارب رپين جي رعايت ڏني ويندي جڏهن ته ٽيوب ويل شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرض ڏنا ويندا جڏهن ته فصلن جي انشورنس جو پريميئر به حڪومت ادا ڪندي. هن چيو ته هارين کي ٽن سالن لاءِ انڪم ٽيڪس تي ڇوٽ هوندي ۽ زرعي ٽرن توڙي ٽيڪس ختم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته زرعي قرضن جي مارڪ اپ ريٽ تي 2 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. نواز شريف چيو ته ڪولڊ چيـَن لاءِ مشينري جي خريداري تي سيلز ٽيڪس 17 مان گهٽائي 7 سيڪڙو ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومتي قدمن مان ننڍن هارين کي 147 ارب رپين جو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ ڪراچي آپريشن پهريان شروع ڇو نه ڪيا ويا ؟ ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا ٺاهڻ ڇا رڳو سندن ئي ذميواري هئي؟ نواز شريف چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي معاشي حالت تمام گهڻي ڪمزور هئي ۽ دهشتگردي جا واقعا به روزاني جي بنياد تي ٿيندا هئا. هن چيو ته مخالف حڪومت تي تنقيد جا بهانا ڳولي رهيا آهن ۽ سندن ڪوشش آهي ته ڪهڙي ريت نواز شريف کي ٻاهر ڪڍجي. نواز شريف چيو ته هـُو پئسو ٺاهڻ ناهن آيا پر پئسو خرچ ڪري معاملا درست ڪرڻ چاهين ٿا، ڇو ته هنن پاڪستان جي برائين کي ٺيڪ ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو به ٺاهيو، جنهن سان سمورن صوبن کي فائدو ٿيندو. نواز شريف چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان کين خوشي ملندي آهي، ڇو ته قيمتون گهٽ ٿيڻ سان گهٽ پئسا خرچ ڪرڻا پوندا آهن جڏهن ته بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *