ڪجهه ماڻهو پنهنجن غلط ڪمن کي لڪائڻ لاءِ پاڪستان ۽ سنڌ جي سياست کي ڍال بڻائي رهيا آهن: چوڌري نثار,گهرو وزير سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، وفاق گورنر راڄ لڳائي ڏيکاري: نثار کهڙو

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار هڪ ڀيرو ٻيهر نالو وٺڻ بنا سنڌ حڪومت مٿان الزامن جو مينهن وسائي ڏنو،هڪ بيان ۾ وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته سنڌ تي وفاقي حڪومت يا ڪنهن وفاقي اداري حملو ناهي ڪيو،ڪجهه ماڻهن پنهنجن غلط ڪمن کي لڪائڻ لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست کي ڍال بڻائي رکيو آهي.چوڌري نثار جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪندڙ ماڻهو سنڌ کي اُڏهيءَ جيان کائي رهيا آهن.پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن ۾ حج ۽ عمري جي ٽڪيٽن تي به تاريخي ڪرپشن ٿي.وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته پنهنجي ڪردار جي باري ۾ ڪابه وضاحت نه ٿو ڏيڻ چاهيان،پر ليڪچر ٻڌائڻ وارن ماڻهن جي اڍائي سالن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ظاهر ڪيان ته اُهي ماڻهو پنهنجو مُنهن لِڪائڻ ۾ پورا هوندا.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نثار کهڙو چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي سنڌ صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳائڻو آهي ته لڳائي ڏيکاري،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو جو چوڻ هو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته رينجرز جو معاملو اسيمبلي ۾ کڻي وينداسين، جڏهن ته گهرو وزير سنڌ  ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي به ڌمڪي ڏني آهي، جيڪڏهن وفاق کي سنڌ صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻو آهي ته لڳائي ڏيکاري، جهموري ادارن جي اهميت کي هيٺ ڪري گورنر  راڄ نه ٿو لڳائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته اسان سڀ جمهوري ادارن  تي اعتماد ڇو نه ٿا ڪري سگهون،اُهي به جمهوري ادارا هئا جن فيصلو ڪري پاڪ فوج کي آپريشن ضرب عضب شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ جنهن جو مُدو به ٻه سال ڪيو ويو هو.جيڪڏهن پوليس جي مدد سان سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان قائم ڪري ٿي ته ڪنهن کي اعتراض ڇو آهن.پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت رينجرز کي واپس موڪلڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو،قانون جي شق نمبر 147 هيٺ رينجرز کي ڪراچي ۾ گهرايو ويو هو ۽ هاڻي اُن جي منظوري اسيمبلي کان وٺڻي آهي ۽ حڪومت کي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جي معاملي تي ڪي به خدشا ناهن پر منظوري اسيمبلي مان ڪرائڻ ٿا چاهيون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *