ڪجهه ماڻهو اهو فيصلو نٿا ڪري سگهن ته ڪروڙين ماڻهن کي ڇا ڏسڻ گهرجي: ننديتا داس

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا ۽ هدايتڪارا ننديتا داس چيو آهي ته جيڪڏهن فلم سنسر بورڊ پنهنجي موجوده پاليسي کي جاري رکيو ته پوءِ هي سماج اڳتي نه وڌي سگهندو. هوءَ ڀارتي سنسر بورڊ طرفان نوازالدين صديقي جي ايندڙ فلم موشائي بندوق باز مان ۴۸ سين ڪٽڻ واري خبرن تي ڳالهائي رهي هئي. ننديتا داس چيو ته مان شروع کان ئي سينسر شپ جي خلاف رهي آهيان ڇوجو مون جڏهن ۲۰۰۸ع ۾ فلم فراق ٺاهي هئي ته مون کي به سنسرشپ واري معاملي سبب ساڳي صورتحال مان گذرڻو پيو هو. مون کي خبر ناهي ته ڪميٽي ۾ شامل ڪجهه ماڻهو اهو فيصلو ڪيئن ٿا ڪري سگهن ته پوري قوم کي ڇا ڏسڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته اڄڪلهه انٽرنيٽ تي سڀ ڪجهه ڏسي سگهجي ٿو، انهن منظرن کي سينسر ڪرڻ منافقت ٿيندي ڇوجو اوهان اهي ساڳيا سين انٽرنيٽ يا پائريٽ ٿيل ورزن وسيلي ڏسي سگهو ٿا. هن چيو ته ڪنهن فلم بابت ماڻهن جا رايا مختلف ٿي سگهن ٿا ڇوجو هر ماڻهو جي سوچ ۽ پسند پنهنجي پنهنجي هوندي آهي، ٻين ملڪن ۾ ۱۸ سالن کان وڌيڪ ڄمار وارن ماڻهن کي اهي فلمون ڏسڻ جي اجازت حاصل آهي ۽ اهو انهن تي آهي ته اهي انهن کي سٺو سمجهن ٿا يا خراب.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *