ڪجهه ماڻهو آئين کي ملڪ کان وڌيڪ اهميت ڏين ٿا، ملڪ ناهي ته آئين ڪاغذ جو ٽڪڙو آهي: پرويز مشرف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان مسلم ليگ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو آئين کي ملڪ کان وڌيڪ اهميت ڏين ٿا جيڪڏهن ملڪ ناهي آئين ڪاغذ جو ٽ ڪڙو آهي، مون تي آرٽيڪل ڇهه لڳايو ويو، ان تي مونکي کل اچي ٿي جيڪڏهن انصاف نه مليو ته اسان کي اسلامي جمهوريه چورائڻ جو ڪو به حق ناهي. فوجي عدالتن کي نه هلڻ لاءِ سازش ٿي رهي آهي. هڪ انٽرويو ۾ پرويز مشرف چيو ته مون تي غداري جي الزام تي ڪيس هلي رهيو آهي مان چار سال ملڪ جي خدمت ڪئي آهي پر پوءِ به مون تي آرٽيڪل ڇهه لڳايو ويو ان تي مون کي کل اچي ٿي، سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ ڄاڻان ٿو. هن چيو ته منهنجي خلاف ڪيسن تي سياست ڪئي پئي وڃي اميد آهي ته مونکي انهن عدالتن مان انصاف ملندو جيڪڏهن انصاف نه ملندو ته اسان کي اسلامي جمهوريه چورائڻ جو ڪو به حق ناهي. هن وقت ملڪ ۾ قيادت ۽ گورننس جو فقدان آهي ڌرڻن واضح ڪري ڇڏيو ته وفاق ۽ صوبائي حۡومتون عوام ۾ غير مقبول آهن. هن چيو ته فوجي عدالتن جي مڪمل حمايت ڪيان ٿو فوجي عدالتون ٺهي ته ويون پر هن وقت تائين ڪم شروع ناهي ڪيو ويو لڳي ٿو عدالتن کي فعال ڪرڻ لاءِ دير ڪئي پئي وڃي. اڳوڻي صدر چيو ته 18 هين ترميم سان پارٽي اڳواڻن کي آمراڻا حق ملي ويا آهن ڪراچي ۾ سياسي لساني ۽ فرقيواريت آهي پرويز مشرف چيو ته غدار اهو آهي جيڪو ملڪ کي بدحالي ۽ پسماندگي ڏئي رهيو آهي عوام جاڳيو ته ملڪ مسئلن مان نڪري ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *