ڪجهه دهشتگرد جبلن تي ۽ ڪجهه ايوانن ۾ ويٺل آهن: سراج الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب اسان جون سرحدون ۽ پاڪستان جنگ جو مرڪز بڻجي ويو آهي، حڪمران مٺو پاڻ کائيندا آهن ۽ ڪوڙو فوج جي وات ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ هٿياربند دهشتگردي سان گڏ مالي ۽ نظرياتي دهشتگردي ٿي رهي آهي، ڪجهه دهشتگرد جبلن تي ۽ ڪجهه ايوانن ۽ آفيسن ۾ ويٺا آهن، حڪمرانن جي دهشتگردي سبب عوام ڏکيائين جو شڪار آهي، مسجدن، مزارن تي ڌماڪا ٿي رهيا آهن پر جڏهن ڪارروائي ڪئي ويندي آهي ته انهن ۾ به مسجدن ۽ مزارن کي نشانو بڻايو ويندو اهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *