ڪترينا ڪيف ۽ رنبير ڪپور پاڪستان اچڻ جا خواهشمند

ڪراچي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار رنبير ڪپور سڀاڻي جمعي تي ڪراچيءَ ۾ صحافين سان اسڪائپ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪندا. ٻئي فلمي اداڪار پنهنجي نئين رليز ٿيل فلم ”جگا جاسوس“ بابت تفصيل کان آگاهه ڪندا. بالي ووڊ فلمن جي پاڪستاني سئنيما گهرن ۾ نمائش کانپوءِ ڀارتي فنڪارن، پروڊيوسرن ۽ ڊائريڪٽرن جي پاڪستان ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران ڪيترن ئي بالي ووڊ اداڪارن پاڪستان جو دورو ڪيو آهي ۽ پاڪستاني فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن. رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف پڻ پاڪستان اچڻ چاهين ٿا، جڏهن ته سيڪيورٽي سبب نه اچي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *