ڪترينا ڪيف جي والده ڌيءُ ۽ رنبير وچ ۾ فاصلا گهٽائڻ لاءِ سرگرم

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيف جي والده سوزين پنهنجي ڌيءُ ۽ رنبير وچ ۾ فاصلا گهٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي. ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مشهور ڀارتي اداڪاره ڪترينا ڪيف جي والده سوزين رنبير جي والده نيتو ڪپور سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن ٻنهي اداڪارن وچ ۾ وڌندڙ فاصلن کي گهٽائي سگهجي. هن نيتو ڪپور سان رابطو ڪري رنبير کي سمجهائڻ جي درخواست ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن وچ ۾ وڌندڙ فاصلا مٿي جو سور بڻجي ويا آهن. ٻئي پاسي نيتو ڪپور ان درخواست کي رد ڪندي صاف صاف چئي ڇڏيو آهي ته هو ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي ۽ اهو رنبير جو ذاتي مسئلو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *