
لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته ڪاوڙ تي ضابطي لاءِ شوٽنگ رينج ڪلب ويندي آهيان. تفصيل موجب اداڪارا مهوش حيات شوٽنگ رينج ڪلب ۾ نڪتل پنهنجون تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون آهن انهن تصويرن ۾ مهوش حيات کي هٿ ۾ گن پڪڙي نشانو هڻندي ڏسي سگهجي ٿو. تصويرن جي ڪيپشن ۾ مهوش حيات لکيو آهي ته کيس جڏهن به ڪاوڙ ايندي آهي ته هو شوٽنگ رينج ڪلب پهچي ويندي آهي ۽ پوءِ نشاني بازي ڪري ڪاوڙ تي ضابطو آڻيندي آهي.