ڪانسرٽ دوران اسٽيج ڪرڻ سان ڳائڻي عيني خالد زخمي

 

گوجرانواله (شوبز نيوز) پنجاب جي شهر گوجرانواله ۾ خانگي ڪاليج جي هڪ ڪانسرٽ دوران اسٽيج ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳائڻي عيني خالد سميت 10 شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون. گوجرانواله جي جناح اسٽيڊيم ۾ خانگي ڪاليج جي انتظام هيٺ هڪ ميوزيڪل ڪانسرٽ ڪرايو ويو هو، جتي عيني خالد پرفارم ڪري رهي هئي، انهيءَ دوران ڳائڻي سان گڏ سيلفي وٺڻ لاءِ ڪجهه شاگردياڻيون به اسٽيج تي چڙهي ويون. تنهن هوندي اسٽيج گھڻن ماڻهن جو وزن برداشت نه ڪري سگھيو ۽ هيٺ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳائڻي عيني خالد ۽ 10 شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون. واقعي ۾ زخمي ٿيلن کي فوري طور طبي امداد ڏني وئي. ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر سليم موجب ڳائڻي عيني خالد کي ڪُلهي تي ڌڪ لڳو ۽ هو پرفارمنس ڇڏي لاهور هلي وئي. عيني خالد جي مشهور گانن ۾ ”ماهيا“ ۽ “تو ميرا دل” شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *